احمد ابراهيم

احمد ابراهيم: سريلي راڳي ماسٽر محمد ابراهيم جو پٽ آهي. هو ڪراچيءَ ۾ 1949ع ڌاري پيدا ٿيو. راڳ کيس ورثي ۾ مليو. ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ شروع ڪيائين. پهرين پنهنجي پيءُ سان گڏ محفلن ۾ ڳائڻ ويندو هو، پوءِ 1965ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي آڊيشن ڏنائين ۽ پاس ٿي ويو. ريڊيي تي کيس ان وقت جي ميوزڪ پروڊيوسر خواجه امداد عليءَ متعارف ڪرايو. احمد ابراهيم جا ڪيترائي ڪلام رڪارڊ ٿيا، سندس انداز هوبهو پيءُ جهڙو آهي. هن پاڪستان ٽيليويزن تي به ڳايو. سنڌي، اردو، گجراتي ۽ سرائڪي ٻولين ۾ ڪلام ڳايائين. سنڌيءَ ۽ گجراتيءَ ۾ سندس آڊيو ڪيسٽون به رڪارڊ ٿيون.’احمد ابراهيم‘ جو اصل نالو محمد صديق احمد آهي، پر راڳ جي دنيا ۾ پنهنجي پيءُ جي نالي سان ’احمد ابراهيم‘ سڏائي مشهوري ماڻيائين.


لفظ احمد ابراهيمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.00.00  عيسوي

احمد ابراهيم: سريلي راڳي ماسٽر محمد ابراهيم جو پٽ آهي . هو ڪراچيءَ ۾ 1949ع ڌاري پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

قاسم پٿر
ڀڳت آتم
ھدايت الله پريم آخوند ڊاڪٽر
دلشاد چاوڙو
رام شرن شرما
جتوئي ارشاد ساگر
پير کٿوريو
چاڪر خان رند
شاهاڻي صاحب سنگھه
صلاح الدين تنيو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون